سکر (بيورو رپورٽ) ريجنل اولمپڪ اسپورٽس ڪاميٽي سکر جو اجلاس محمد حنيف ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ نگار منگي، اسفند يار منگي، عبدالجبار، محمد علي، آصف علي، محمد زاهد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 14 آگسٽ پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان پهرين آگسٽ تي خيرپور کان روهڙي تائين سائيڪل ريس ڪوٺائي ويندي. جڏهن ته جشن آزاد جي ڏهاڙي تي سکر ۾ رانديون منعقد ڪيون وينديون.