پاڪستان جو نمبر ون مسئلو مهانگائي ۽ غربت آهي، پر حڪمران عوام کي رڳو ڪرپشن ۾ الجهائيندا آهن: نواز ليگ جو وفاقي وزيرن جي الزامن تي رد عمل

0
160
پاڪستان جو نمبر ون مسئلو مهانگائي ۽ غربت آهي،
پاڪستان جو نمبر ون مسئلو مهانگائي ۽ غربت آهي، پر حڪمران عوام کي رڳو ڪرپشن ۾ الجهائيندا آهن: نواز ليگ جو وفاقي وزيرن جي الزامن تي رد عمل

راولپنڊي: پاڪستان جو نمبر ون مسئلو مهانگائي ۽ غربت آهي، پر حڪمران عوام کي رڳو ڪرپشن ۾ الجهائيندا آهن: نواز ليگ جو وفاقي وزيرن جي الزامن تي رد عمل.

خواجه آصف چيو آهي ته حڪومت جو وقت پورو ٿي چڪو آهي، ڪنهن به وقت چونڊون ٿي سگهن ٿيون، حمزه شهباز چيو ته وفاقي وزير مهانگائي ۽ غربت تان ڌيان هٽائڻ لاءِ عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن،

محمد زبير چيو ته گرين لائين منصوبو نواز ليگ جو آهي، پي ٽي آءِ وارا رڳو 40 بسون گهرائي واويلا ڪري رهيا آهن، موجوده حڪومت رڳو اعلان ڪرڻ ۾ ماهر آهي،

162 ۽ 11 سئو ارب جي پيڪيجز مان هڪ رُپيو به ڪراچي نه آيو، احسن اقبال چيو آهي ته جعلسازي سان آيل حڪومت هر ڪم ۾ جعلسازي ڪري ٿي، حڪومت چئي ٿي ته شهباز شريف تي نيب جا ڪيسز آهن، نيب چيئرمين جي مامري تي ساڻس ڳالهيون نه ٿينديون.