مهانگائي ۽ غربت سبب ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن ۽ وزير اعظم چئي ٿو گهٻرائڻو ناهي: اپوزيشن ليڊر شهباز شريف

0
179
وزير اعظم چئي ٿو گهٻرائڻو ناهي:
مهانگائي ۽ غربت سبب ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن ۽ وزير اعظم چئي ٿو گهٻرائڻو ناهي: اپوزيشن ليڊر شهباز شريف

راولپنڊي: اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته ، ڪينٽونمينٽ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جو سياسي موت ٿي ويو، مهانگائي ۽ غربت سبب ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن ۽ وزير اعظم چئي ٿو گهٻرائڻو ناهي. ڪينٽونمينٽ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جو سياسي موت ٿي ويو آهي، ڪينٽومينٽ بورڊ جي صاف ۽ شفاف چونڊ ٿي، اليڪشن ڪميشن کي ايندڙ وقت ۾ صاف شفاف چونڊون ڪرائڻيون پونديون.

وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي شهباز شريف چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم جي هٿان سوا ٽن سالن ۾ ملڪ تباهه ٿيڻ تي پهچي ويو آهي، سليڪٽيڊ وزيراعظم پاڪستان کي معاشي طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هُن قرض وٺي پاڪستان کي بدحال ڪري ڇڏيو آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته، اَٽو، دال ۽ کنڊ جون قيمتون آسمان سان ڳالهائي رهيون آهن، اڄ غريب ماڻهو ئي دوا نٿي ملي، بجلي جا بل غريب ماڻهن تي بجلي بڻجي حملو ڪري رهيا آهن، قوم جو تيل ڪڍندڙ سليڪٽيڊ چوي ٿو ته اوهان کي گهٻرائڻو ناهي،

شهباز شريف چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جون دعوائون ڪندڙن لکين نوجوانن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، اڄ سوا ٽن سالن بعد ماڻهن جون اکيون کلي ويون آهن، پي ٽي آءِ کي سياسي طور تي هميشه دفن ڪري ڇڏينداسين.