گھرن مان ڪم ڪندڙن کي بجلي جي بلن تي اضافي ٽيڪس لڳايو ويندو

0
281
فون ڪال تي ٽيڪس واپس

فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي ورڪر انٽرنل ريوينيو آپريشنز قيصر اقبال جو چوڻ آھي تھ گھر مان ڪاروبار ڪرڻ وارن غير رجسٽرڊ ماڻھن تي بجلي جي بلن ۾ اضافل ٽيڪس لڳايو ويندو.

قيصر اقبال انجمن تاجران جي صدر ڪاشف چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي.  پريس ڪانفرنس ڪندي قيصر اقبال جو چوڻ ھو تھ ننڍن واپارين کي ايف بي آر سان ڳالھيون ڪامياب ٿيون آھن، سوشل ميڊيا جي دور ۾ صدارتي آرڊيننس جي حوالي سان غلط فھميون پيدا ڪيون پيون وڃن.

ھن جو چوڻ ھوتھ تھ جيڪي ماڻھو گھرن مان ڪاروبار ڪري رھيا آھن پر رجسٽر ناھن، ان پروفيشنلز جي بجلي جي بلن تي اضافو ٽيڪس لڳايو ويندو.

قيصر اقبال جو چوڻ ھو تھ ننڍا واپارين سان مشاورت ڪري رھيا آھيون ۽ ڪمشنرز کي چيو آھي تھ اھي واپارين جا مسئلا ٻڌي ڪري ان کي ننڍي سطح تي حل ڪن.

واپاري اڳواڻ ڪاشف چوڌري چيو تھ پوائنٽ آف سيلز ننڍن واپارين تي لاڳو نھ ٿيندو، اھو واضح ڪري ڇڏيو آھي تھ ننڍن واپارين کي سيلز ٽيڪس بجلي جي بل ۾ ڪٽجي ويندو آھي ٽيڪس تريمي آرڊيننس ۽ بجلي جي بلن تي اضافو ٽيڪس جو معاملو ختم ٿي ويو آھي.

انھن 27 سيپٽمبر جو احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.