ڪراچي(اسپورٽس ڊسيڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ٽيسٽ گرانٽ بريڊن برن چيو آهي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحالي طرف وڌي رهي رهي، نيوزيلينڊ ٽيم جو دورو رد ٿيڻ مايوس ڪندڙ آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته نيوزيلينڊ بورڊ جي فيصلي سان پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن جَي جذبي کي نقصان پهتو آهي.گرانڊ بريڊبرن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي جو عمل جاري هو، نيوزيلينڊ بورڊ کي تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي ها. ڪرڪيٽ جي مشهور براڊ ڪاسٽر مائيڪ هيسمين جو چوڻ هو ته نيوزيلينڊ طرفان دورو رد ڪرڻ افسوسناڪ آهي. ڏکڻ آفريڪا جي رائلي روسو به دوري جي رد ٿيڻ تي افسوس ظاهر ڪيو. پاڪستان جي سينيئر ڪرڪيٽر محمد حفيظ سوشل ميڊيا تي پيغام ۾ لکيو ته پاڪستان جي انٽيلي جنس ايجنسيز ۽ پاڪستاني فوج تي فخر آهي. هن چيو ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو اهو هڪطرفو فيصلو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان چيو ته نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ ٿيل افسوسناڪ واقعي بعد پاڪستان سميت هر هڪ شخص نيوزيلينڊ کي سپورٽ ڪيو. عماد وسيم چيو ته ٽاس ٿيڻ کان اڳ نيوزيلينڊ ٽيم دورو رد ڪيو، جنهن سان تمام گهڻو ڏک پهتو. وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ندا ڊار ۽ اڳوڻي ڪپتان بسمه معرف به سيريز ملتوي ٿيڻ تي مايوسي ظاهر ڪئي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي چيو ته نيوزيلينڊ بورڊ جي فيصلي روئاري ڇڏيو آهي، اسان جو ملڪ ڪرڪيٽ لاءِ محفوظ آهي.