عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آھي، نواز ليگ جو ڪنھن سان جھيڙو يا دوستي ناھي:شھباز شريف

0
206

سيالڪوٽ (ڊيسڪ رپورٽ) اپوزيشن ليڊر شھباز شريف چيو آھي تھ پنجاب جي ڪئنٽونمينٽ علائقن ۾ بلدياتي چونڊن دوران پي ٽي آءِ کي بدترين شڪست ملي، عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪيو. شھباز شريف چيو تھ عمران خان جي سرڪار عوام کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، ماڻھو خودڪشين تي مجبور آھن.

 احسن اقبال ۽ ٻين ليگي اڳواڻن خطاب دوران چيو آهي ته 3 سال گذرڻ باوجود حڪومت سي پيڪ تي هڪ ڊالر جو به نئون منضوبو شروع نه ڪيو، نواز ليگ جو ڪنهن سان جهيڙو يا دوستي نه آهي، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ ڪرپشن بُلند سطح تي پهچي وئي، خوف آهي ته حڪمرانن جي ناقص پاليسيز سبب افعانستان به پاڪستان کان اڳتي نڪري ويندو