راولپنڊي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم نيوزيلينڊ بورڊ جي فيصلي تي مايوسي ظاهر ڪندي چيو ته پاڪ-نيوزيلينڊ سيريز ڪرڪيٽ مداحن جَي چهرن تي مُرڪ آڻي پئي سگهي، اهڙي وقت تي ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪيو ويو جڏهن مداح اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا، پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام آهن، ڪيوي ٽيم کي ڪو سيڪيورٽي ٿريٽس نه هو. نائب ڪپتان شاداب خان چيو ته نيوزيلينڊ 18سالن جو انتظار ڪرايو ۽ ثمر اهو مليو، ٻڌايو وڃي ته اسان کان مهمان نوازي ۾ ڪهڙي قصر رهجي وئي.