ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ کان دورو اوچتو رد ڪرڻ تي سوال ڪيو آهي ته ڇا اوهان کي پنهنجي فيصلي جي اثر جو اندازو به آهي؟ سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته خاطري باوجود هڪ مذاق يا افواهه جي بنياد تي سيريز رد ڪرڻ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو غلط فيصلو آهي، اهڙي فيصلي تي حيران آهيان. هن نيوزيلينڊ بورڊ کي ٽيڪ ڪندي شاهد سوال ڪيو ته ڇا اوهان کي پنهنجي فيصلي جي نتيجن جو اندازو آهي؟ واضح رهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جو دورو ختم ڪيو آهي.