چيگوراماز (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جا چار رانديگر ويسٽ انڊيز ۾ جاري سڪسٽيز ٽورنامينٽ جي افتتاحي سيزن ۾ حصو وٺندا. دي سڪسٽي ٽورنامينٽ جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ٻڌايو ويو آهي ته ايونٽ ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر، وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين اعظم خان، آل رائونڊر عماد وسيم ۽ انڊر 19 ٽيم جو ڪپتان قاسم اڪرم شرڪت ڪندا. جميڪا تعلقه جي نمائندگي محمد عامر ۽ عماد وسيم، اعظم خان بارباڊوس رائلز جي نمائندگي ڪندو جڏهن ته قاسم اڪرم سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس جي نمائندگي ڪندو.