برمنگهم (اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ دلچسپ هاڪي مقابلو 2-2 گولن تان برابر ٿي ويو. پاڪستان پول اي ۾ هڪ پوانٽ حاصل ڪري ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي، پاڪستاني ٽيم سڀاڻي نيوزيلينڊ خلاف ميدان ۾ لهندي. ڪامن ويلٿ گيمز جي هاڪي ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو. پهرين ڪوارٽر ۾ ڏکڻ آفريڪا سرسري حاصل ڪئي، ٻئي ڪوارٽر ۾ پاڪستان جي رضوان علي پنالٽي ڪارنر تي گول ڪري مقابلو هڪ هڪ گول سان برابر ڪري ڇڏيو.ميچ ٽئين ڪوارٽر ۾ ڪائي ٽيم گول نه ڪري سگهي، آخري ڪوارٽر ۾ ڏکڻ آفريڪا پنالٽي شوٽ تي گول ڪري ٻه هڪ جي سرسري حاصل ڪري ورتي. راند جي آخر ۾ پاڪستان کي هڪ ٻيو پنالٽي ڪارنر مليو پر مخالف گول ڪيپر ڪاميابي سان ان جو دفاع ڪيو، پر ان باوجود افراز جي ڦڙتي ڪم ڏئي وئي ۽ هو گول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ مقابلو ٻه ٻه گول جي سرسري تي ختم ٿيو.