لاهور (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رڪي پونٽنگ پاڪستان کي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل جي ڊوڙ مان ٻاهر سمجهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رڪي پونٽنگ جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل جي مقابلي کان ٻاهر نه ٿو چئي سگهجي، پاڪستان جي سرزمين تان ورلڊ ڪلاس رانديگر لڳاتار اچي رهيا آهن. اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان چيو ته ڏکڻ آفريڪا ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ سرپرائز پيڪيج ثابت ٿيو، ٻي رينڪنگ تي موجود آسٽريليا به فائنل ۾ کيڏڻ لاءِ مضبوط اميدوار آهي پر کين دوري ۾ کيڏيل 4 ٽيسٽ ميچن ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. پاڪستان، انڊيا ۽ سريلنڪا به پنهنجي مخالفن کي حيران ڪندڙ فيصلي تائين پهچڻ جي صلاحيت رکن ٿا.