پاڪستاني بالر چئلينج آهن، فنچ، آسٽريليا کي ڪلين سوئيپ جي ڪوشش ڪنداسين: فخر زمان

0
374
پاڪستاني بالر چئلينج آهن
پاڪستاني بالر چئلينج آهن، فنچ، آسٽريليا کي ڪلين سوئيپ جي ڪوشش ڪنداسين: فخر زمان

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪ-آسٽريليا ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. قومي ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين فخر زمان آسٽريليا خلاف پوري وائيٽ بال سيريز کٽڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي. ڪپتان بابراعظم ۽ ايرون فنچ پاران وائيٽ بال ٽرافي جي قذافي اسٽيڊيم ۾ مهورت ڪئي وئي

هوڏانهن آن لائن پريس ڪانفرنس ڪندي فخر زمان چيو ته ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته وائيٽ بال سيريز ۾ ڀرپور پوائنٽس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن رينڪنگ بهتر ٿئي. هن چيو ته آسٽريلوي ٽيم ۾ وڏن نالن جي نه هجڻ جو پاڪستان کي ضرور فائدو ٿي سگهي ٿو، بهتر هجي ها ته آسٽريليا جا وڏا نالا کيڏن ها ته سٺو هو، پر وڏن نالن جي غير موجودگيءَ ۾ به آسٽريلين ٽيم کي هلڪو نٿو وٺي سگهجي. هن چيو ته ڪپتان بابراعظم رانديگرن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته ٽنهي ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي. فخر زمان چيو ته بابر چيو آهي ته آسٽريليا هڪ عالمي نمبر ون ٽيم آهي ان کي هلڪو نه وٺنداسين ڇو ته آسٽريليا هر حال ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي حوالي سان سڃاتو ويندو آهي

آسٽريليا جي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪپتان ايرون فنچ آن لائن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان وٽ ورلڊ ڪلاس رانديگر آهن، بابر اعظم جهڙو بهترين رانديگر ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي، بالنگ ۾ پاڪستان وٽ شاهين آفريدي آهي، هو ورلڊ ڪلاس بالر آهي، نئين بال سان سوئنگ ڪري سگهي ٿو.  هن چيو ته حارث رئوف به ٽيم ۾ شامل آهي، هن کي بگ بيش ليگ ۾ فيس ڪيو آهي، حسن علي به ٽيم ۾ شامل آهي، ڪيترائي نوجوان فاسٽ بالر به آهن، پاڪستان جا بالر سٺا آهن، اهو هڪ چئلينج آهي.  هوڏانهن سيريز کان اڳ آسٽريليا جو مچل مارش انجري کانپوءِ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جوش انگلس ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي جنهن کي 5 ڏينهن لاءِ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي