لاس اينجلس(شوبز نيوز) 94 هين آسڪر ايوارڊ جي فاتح جو اعلان لاس اينجلس جي ٽولبي ٿيٽر ۾ ٿيو. آسڪر ايوارڊ جي تقريب فيبروري جي آخر ۽ مارچ جي شروع ۾ منعقد ٿيڻي هئي پر ڪورونا سبب اها مارچ جي پچاڻي تي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ميزباني جا فرض ڪاميڊين وانڊا سائيڪس ۽ ايمي اسڪمر سميت هالي ووڊ اداڪارا ريجينا هال سرانجام ڏنا. تقريب ۾ ول سمٿ کي فلم ڪنگ رچرڊ ۾ بهترين اداڪاري تي آسڪر ايوارڊ سان نوازيو ويو جڏهن ته جيسيڪا چيسشيئن بهترين اداڪارا جو ايوارڊ وصول ڪيو. جيسيڪا چيسشيئن کي فلم دي آئيز آف ٽيمي فيڪ ۾ بهترين اداڪاري تي آسڪر ايوارڊ ڏنو ويو. تقريب ۾ بهترين ساٿي اداڪار جو ايوارڊ فلم ڪوڊا ۾ اداڪاري ڪندڙ اداڪار ٽرائي ڪاٽسرن ۽ بهترين ساٿي اداڪارا جو ايوارڊ فلم ويسٽ سائيڊ اسٽوڙي آريانا ڊيبوس کي ڏنو ويو. بهترين فلم جو آسڪر ايوارڊ روبي جي ڪهاڻي تي ٻڌل فلم ڪوڊا کٽيو جڏهن ته انڪانٽو کي بهترين ايني ميٽڊ فلم قرار ڏنو ويو.