ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار احسن خان پاران اداڪارا هانيا عامر کي پڪڙي بيهڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. انسٽاگرام تي هانيا عامر ۽ احسن خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ احسن خان هانيا عامر کي پڪڙي تصويرون ڪڍرائي رهيو آهي، جنهن تي مداحن پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ کيس شديد تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو ويو آهي.