آخرڪار عدم اعتماد رٿ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿي وئي

0
161
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

آخرڪار وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿي وئي جنهن جو مطلب ته جيڪي امڪان ۽ خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا ته متان اجلاس ريڪيوزٽ ڪرڻ کانپوءِ به اسپيڪر انهي معاملي کي اينگهائي وڌيڪ ڊيگهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪري، اهي به ختم ٿي ويا ۽ نه ئي وري ملڪ ۾اها صورتحال آهي جيڪا ٻه ڏينهن اڳ حڪومت واري جلسي ۽ اپوزيشن جي اسلام آباد ۾ گڏ ٿيڻ سبب ڇڪتاڻ طرف وڌندي نظر اچي رهي هئي. ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ اهو خوف هو ته جنهن ڏينهن بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي ان ڏينهن حڪومت جا حامي پارليامينٽ ٻاهران موجود هوندا پر حڪومت جو اهو جلسو به خير سان ٻه ڏينهن اڳ ٿي ويو ۽ مخالف ڌر جا جلسا به ووٽنگ کان اڳ ختم ٿي ويندا جنهن جو مطلب ته هاڻي پارليامينٽ ۾ ووٽنگ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به طريقي سان انهي معاملي کي اينگهائي نه ٿو سگهجي. جڏهن ته آئيني طور رٿ اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ وڌ ۾ وڌ هفتي اندر ان تي ووٽنگ ڪرائي معاملو هڪ پاسي ڪرڻو آهي جنهن جو مطلب ته هفتي اندر اهو معاملو پنهنجي منتقي انجام تي پهچي ويندو پوءِ اهو حڪومت جي ڪاميابي سان ٿئي يا وري مخالف ڌر کي سوڀ ملي.

سياسي سرگرميون ۽ واقعا هن وقت “پل ۾ تولو ، پل ۾ماسو” وارو رخ اختيار ڪري رهيا آهن خبر نه ٿي پوي ته ڪير ڪنهن سان گڏ آهي.؟ ڪيڏي مهل هڪڙي ڌر هڪڙا اشارا ڪري اتحاد وري ٻي ڌر سان ٿي ڪري ته ڪا ڌر هڪڙن سان گڏ هوندي اعلان وري ٻيو ٿي ڪري.ڪالهه تائين ايئن لڳي رهيو هو ته ق ليگ حڪومت جي اتحادي هوندي اتان نڪرڻ لاءِ پر سوري رهي آهي ته بلوچستان عوامي پارٽي لاءِ شايد ئي ڪير سوچي رهيو هو ته اها سڀني کان اڳ ۾ مخالف ڌر جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيندي. خير هي سياست آهي ۽ اها به اسان جي ملڪي سياست جتي اها چوڻي مشهور هجي ته “هڻ هڻ خبر آئي اي، خضر ساڊا ڀائي اي” اتي ڪجهه به ٿيڻ ممڪن آهي.

سو پل پل تبديل ٿيندڙ صورتحال گهڻن کي حيران ڪندي هوندي ته گهڻا جيڪي سياسي صورتحال کي سمجهن ٿا انهن لاءِ اها  معمول جو معاملو هوندي.اصل ڳالهه جيڪا آهي سا اها ته عدم اعمتاد جي رٿ هئي  اها اسيمبلي ۾ پيش ٿي چڪي آهي ۽ هر ڌر پنهنجي ڪاميابي لاءِ اڳ کان وڌيڪ تيزي سان پنهنجي پنهنجي اتحادين يا حامين سان رابطن ۾ شروع ٿي وئي آهي باقي ڪاميابي ڪنهن جو مقدر ٿيندي هن هر پل تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڌريون اڃان تائين پنهنجا ڪارڊ  سيني سان لڳايون ويٺيون آهن ۽ پنهنجي بارگيننگ پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ وڌيڪ حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون. چوڌرين ۽ باپ جي سڌي پوزيشن وٺڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم ٻنهي ڌرين حڪمران توڙي مخالف ڌر لاءِ اهميت اختيار ڪري وئي آهي. توڙي جو پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن جي حمايت مخالف ڌر کي حاصل آهي پر آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ حڪومت پاران سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ کانپوءِ انهن ميمبرن جي ووٽ جي حيثيت سپريم ڪورٽ جي تشريح کانپوءِ ئي طئي ٿي سگهندي  تنهن ڪري مخالف ڌر جي ڪوشش هوندي ته انهن ووٽن کانسواءِ ئي هو بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي جيترا گهربل ميمبر گڏ ڪرڻ لاءِ اتحادين جي حمايت حاصل ڪري وٺي، ان لاءِ ايم ڪيو ايم جي اهميت تهائين وڌي وئي آهي .

اسان سمجهون ٿا ته ڪجهه ڏينهن جي ڇڪتاڻ ۽ ڊپ واري ماحول کانپوءِ اهو معاملو سڌو ٿي جتان جو هو اتي پهچي چڪو آهي تنهن ڪري هاڻي ڌرين کي پنهنجي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ گهربل تعداد پورو ڪرڻو پوندو، باقي منحرف ميمبرن جو معاملو ڪٿي بيهندو اهو ته سپريم ڪورٽ جي تشريح کانپوءِ ئي واضح ٿيندو. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته معاملو هاڻي روڊن رستن ۽ احتجاجن کان نڪري پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اچي چڪو آهي ۽ ڌرين کي اتي ئي معاملو نبيرڻو آهي.