ڪجهه به ٿي سگهي ٿو

0
178
ملڪي سياست جا راز ۽ جمهوري نظام

  آخرڪار وزيراعظم عمران خان خلاف ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿي وئي آهي، جنهن کان پوءِ آئين جي آرٽيڪل 95 تحت هاڻي 7 ڏينهن اندر بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ ٿيڻ ضروري آهي،  جيڪڏهن حڪومت آخري ڏينهن تي ووٽنگ ڪرائي ته 4 اپريل تي هر صورت ۾ آئين جي پاسداري ڪرڻ لاءِ بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ ڪرڻي پوندي. ڪالهه سومر ڏيهن قومي اسيمبلي جي  اجلاس جي صدارت ڪندڙ ڊپٽي اسپيڪر  قاسم سوري 31 مارچ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن 31 مارچ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو ان ڏينهن بي اعتمادي جي رٿ تي ڊپٽي اسپيڪر پاران ڪيل اعلان مطابق بحث ٿيندو ۽ ايئن 31 مارچ تي آئين ۾ جيڪا بي اعتمادي جي رٿ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ واري ڏينهن کان 3 ڏينهن تائين ووٽنگ نه ڪرائڻ جي پابندي آهي، 31 مارچ تي اها پابندي به ختم  ٿي ويندي، ان کان پوءِ پهرين  اپريل کان 4 اپريل تائين جيڪڏهن روزانو اجلاس ٿئي ٿو ته خاص طور تي اپوزيشن کي روزانو هر صورت ۾ بي اعتمادي جي رٿ کي ڪامياب ڪرڻ جيترن جي ميمبرن جي حاضري کي يقيني بنائڻو پوندو،

ڇو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جهڙي نموني حڪمران جماعت سان گڏ بيٺل آهن، اهي پهرين اپريل کان 4 اپريل تائين ڪنهن به ڏينهن اوچتو بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ ڪرائي اپوزيشن کي سرپرائيز ڏئي سگهن ٿا. ڪالهوڪي ڏينهن تي نه رڳو وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ اهو مامرو فيصلا ڪن مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي پر ڪالهه جيئن ملڪي سياسي صورتحال ۾ ڊرامائي تبديلي آئي آهي اها حيران ڪندڙ آهي، ڪالهه اوچتو وزيراعظم عمران خان  ان پرويز الاهي سان بني گالا  واري پنهنجي گهر ۾ ملاقات ڪئي ، جنهن پرويز الاهي کي هو سڀ کان وڏو ڊاڪو قرار ڏيندو هو. وزيراعظم ان پرويز الاهي سان نه رڳو ملاقات ڪئي آهي پر ان ملاقات دوران پرويز الاهي کي وزيراعظم پنهنجو وزيراعظم جو عهدو بچائڻ لاءِ پنجاب جو وڏو وزير بنائڻ لاءِ به  رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، نه رڳو ايترو پر وزيراعظم جنهن پنهنجي وسيم اڪرم پلس يعني عثمان بزدار جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي نه ٿڪبو هو، ان کان استعيفيٰ به وٺي ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ پاران پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير بنائڻ جي فيصلي کان پوءِ ق ليگ جي چوڌري پرويز الاهي ۽ مونس الاهي بي اعتمادي جي رٿ ۾ وزيراعظم جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر اطلاع اهي آهن ته پرويز الاهي پاران حڪومتي پيشڪش قبول ڪرڻ واري فيصلي تي ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين شديد تحفظات جو اظهار ڪيو آهي، نه رڳو ايترو پر ق ليگ سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير طارق بشير چيما پرويز الاهي جي اهڙي فيصلي سان اختلاف ڪندي حڪومت ڇڏي واضح طور تي اعلان ڪيو آهي ته مان پرويز الاهي جي فيصلي باوجود وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي  رٿ جي حق ۾ ووٽ ڏيندس، وزارت تان استعيفيٰ چوڌري شجاعت جي منظوري بعد ڏني آهي. ڏسجي ته قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ ۾ ڪهڙي طرف ووٽ ڏيڻو آهي بابت فيصلو پرويز الاهي کي نه پر  چوڌري شجاعت حسين کي ڪرڻو  آهي، ڇو ته  ق ليگ جو سربراهه چوڌري شجاعت حسين آهي.

جيڪڏهن چوڌري شجاعت حسين  ق ليگ جي قومي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪري ٿو ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻو آهي ۽ ان صورت ۾ جيڪي ميمبر ان جي هدايت جي خلاف ورزي ڪن ٿا ته اهي پنهنجي رڪنيت وڃائي ويهندا، پر ڏسجي ته قومي اسيمبلي ۾ ق ليگ جي ميمبرن ۾ گهڻي قدر چوڌري ڀائرن جي گهر جا ميمبر آهن. چوڌري پرويز الاهي ۽ چوڌري شجاعت وچ ۾ اختلاف ٻنهي خاندانن جي اختلافن جو سبب به ٿي سگهن ٿا، ايئن جيڪڏهن پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ چوڌري شجاعت حسين اپوزيشن جي حق ۾ فيصلو ڪري ته چوڌري پرويز الاهي لاءِ  اها صورتحال انتهائي مشڪل ان ڪري ٿي سگهي ٿي جو ق ليگ جي ميمبرن جي به کيس حمايت نه ملي سگهندي. ڏسجي ته  چوڌري ڀائرن وچ ۾ سياسي اختلاف ڪٿي دنگ ڪن ٿا، پر پي ٽي آءِ پنجاب اسيمبلي ۾ 10 ميمبر رکندڙ ق ليگ کي پنجاب جو وڏو وزير بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان  سان جهانگير ترين ۽ عليم خان گروپ ناراض به ٿي سگهن ٿا.  جيڪڏهن جهانگير ترين ۽ عليم خان گروپ اپوزيشن سان پنجاب ۾ گڏجن ٿا ته پوءِ پرويز الاهي جي پنجاب جو وڏو وزير  ٿيڻ جو خواب رولڙي جو شڪار ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ان صورت ۾ اپوزيشن جا ميمبر پنجاب اسيمبلي ۾ وڌي ويندا ۽ اپوزيشن پنجاب ۾ وڏو وزير چونڊرائي سگهي ٿي. ايئن به ٿي سگهي ٿو ته جهانگير ترين ۽ عليم خان گروپ کي چوڌري پرويز الاهي پرچائڻ جي ڪوشش ڪري جيڪڏهن ان ۾ کيس ڪاميابي ملي ته پوءِ ان جي وڏي وزير ٿيڻ جا چانس روشن ٿي ويندا ۽ ان صورت ۾ اهو طئه آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن کي وڏي وزير جي چونڊ ۾ شڪست ملندي.

جتي ق ليگ کي ڪالهه حڪومت ۾ وڃڻ کان روڪڻ ۾ حڪومت ظاهري طور تي ڪامياب ٿي آهي اتي حڪومت کي هڪ وڏو ڌچڪو اهو رسيو آهي جو حڪومتي اتحاد ۾ شامل بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) حڪومت کي ڇڏي اپوزيشن ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. بلوچستان عوامي پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر خالد مگسي جڏهن اڳوڻي صدر آصف زرداري، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري مخالف ڌر جو ساٿي ڏيڻ جوا علان ڪري رهيو هو، تڏهن باپ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل 5 قومي اسيمبلي ميمبرن مان 4 قومي اسيمبلي ميمبر موجود هئا، باپ سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير زبيده جلال پريس ڪانفرنس ۾ موجود نه هئي، جنهن کان پوءِ چيو پيو وڃي ته ان بي اعتمادي جي رٿ ۾ وزيراعظم جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر باپ جي چئن ميمبرن جو به حڪومت جو ساٿ نه ڏيڻ جو ڪيل اعلان غير معمولي آهي، ڇو ته ان کان اڳ جمهوري وطن پارٽي جوشازين بگٽي ۽ سنڌ مان آزاد حيثيت ۾ چونڊيل ميمبر سيد علي نواز شريف حڪومت کي الوداع ڪري اپوزيشن جو بي اعتمادي جي رٿ ۾ ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن، نه رڳو ايترو پر بلوچستان مان آزاد حيثيت ۾ چونڊيل اسلم ڀوتاڻي به لڳ ڀڳ حڪومت کي ڇڏي چڪو آهي، ان پاران رڳو رسمي اعلان ٿيڻ باقي آهي.

ملڪي سياست ۾ ڪالهه اوچتو آيل اهڙي ڊرامائي تبديلي  بعد قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن توڙي حڪمران اتحاد جي  انگن اکرن ۾ به تبديليون آيون آهن. قومي اسيمبلي ۾پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي 155 ميمبر آهن، جن مان اپوزيشن ته پي ٽي آءِ جي 20 کان 25 ميمبرن جي گڏ هجڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي، اپوزيشن جي اهڙي دعويٰ کي ڇڏي جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي انهن ميمبرن کي ڏسجي جن کي وزيراعظم پاڻ منحرف يا ڦري ويل ميمبر قرار ڏئي چڪو آهي ۽ ان بعد کين نااهل ڪرائڻ  لاءِ نوٽيس به جاري ڪيا آهن اهڙن ميمبرن جو تعداد 14 آهي، جيڪڏهن 155 مان 14 ميمبرن کي ڪٽي ڇڏجي ته پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل حڪومت سان گڏ ميمبرن جو تعداد 141 بچي ٿو، جنهن کان پوءِ  طارق بشير چيما جو ووٽ ڪڍي ق ليگ جا 4، جي ڊي اي جا 3 ۽ عوامي مسلم ليگ جي هڪ ووٽ سميت ٽوٽل ميمبر 149 ٿين ٿا، جيڪڏهن پي ٽي آءِ پنهنجي ناراض 14 ميمبرن کي پرچائي پاڻ سان گڏ وٺي ٿي اچي ته پوءِ به 163 ميمبر ٿين ٿا،

جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي حڪومت راضي ڪري وٺي ٿي ته پوءِ به حڪومتي ڌر جو تعداد 170 ٿئي ٿو، ايئن باپ سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير زبيده جلال وزيراعظم جو بي اعتمادي جي رٿ ۾ ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان جو ووٽ شامل ڪرڻ کان پوءِ حڪمران اتحاد ۾ شامل ميمبرن جو تعداد 171 ٿي وڃي ٿو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته بلوچستان مان آزاد ميمبر اسلم ڀوتاڻي جو ووٽ حڪومت لاءِ لائيف لائين بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن ان کي پاڻ سان گڏ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ برقرار رکي ٿي ته وزيراعظم کي عهدو برقرار رکڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو، پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته وزراعظم کي ايم ڪيو ايم جا 7 ووٽ ۽ اسلم ڀوتاڻي جو هڪ ووٽ هر صورت ۾ پاڻ ڏي ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم  باپ وانگر وزيراعظم عمران خان جي ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته پوءِ وزيراعظم عمران خان  جو بچڻ مشڪل ٿي ويندو، ق ليگ جي حڪومت طرف وڃڻ کان پوءِ اپوزيشن لاءِ ايم ڪيو ايم جي اهميت وڌي وئي آهي. ايم ڪيو ايم جي اهميت  اپوزيشن لاءِ وڌڻ جو هڪ مطلب  اهو به آهي ته پيپلز پارٽي کي سنڌ صوبي اندر ايم ڪيو ايم کي اهو اسپيس ۽ اهميت ڏيڻي پوندي جنهن اسپيس ۽ اهميت سان پيپلز پارٽي جو سنڌي ڳالهائيندڙ ووٽ بينڪ متاثر ٿي سگهي ٿو.

ڏسجي ته هن وقت اپوزيشن ۾ ن ليگ جا 84، پيپلز پارٽي جا 56، ايم ايم اي جا 15، بي اين پي مينگل جا 4، باپ جا به 4، اي اين پي جو هڪ، ق ليگ جو هڪ  ۽  3 آزاد ميمبر شامل آهن، جن ۾ ايم ايم اي مان عبدالاڪبر چترالي اڃا واضح طور تي اپوزيشن سان گڏ نه آهي ۽ پيپلز پارٽي جو قومي اسيمبلي ميمبر ڄام عبدالڪريم بجار، ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ شامل آهي، جنهن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪومت اعلان ڪري چڪي آهي، اپوزيشن جو ٽيون ميمبر علي وزير گرفتار ٿيل آهي، مٿي ڄاڻايل اپوزيشن جي ڪل 169 ميمبرن مان اپوزيشن جا باقي 166 ميمبر ٿين ٿا، ان ۾  ايم ڪيو ايم جا 7 ميمبر شامل ٿين ته اپوزيشن پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبرن جي ووٽ کان سواءِ به وزيراعظم عمران  خان کي گهر ڀيڙو ڪري شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊرائي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي عمران خان پاڻ سان گڏ ملائي به وٺي ٿو تڏهن به جيڪي پي ٽي آءِ جا 14 ناراض ميمبر آهن اهي اپوزيشن سان گڏ ٿين ٿا ۽ کين ووٽ ڪرڻ جي اجازت ملي ٿي ۽ انهن جو ووٽ ڳڻيو وڃي ٿو ته ان صورت ۾ وزيراعظم جو بچڻ مشڪل آهي.  ايم ڪيو ايم کي حڪومت پرچائي پاڻ طرف ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي ته پوءِ اسپيڪر کي استعمال ڪري حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبرن کي بي اعتمادي جي رٿ ۾ ووٽ ڪرڻ کان روڪي سگهي ٿي، مطلب ته ق ليگ جي حمايت باوجود اڃا تائين عمران خان جي قومي اسيمبلي اندر صورتحال ڪمزور آهي پر سياسي صورتحال جيئن نئون رخ اختيار ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ان ۾ بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.