ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت   ٽڪ ٽاڪر مسڪان سوڌو 4 ڄڻن  جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران استغاثه کي ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندن ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڪالهه ٻڌڻي دوران جوابدار عبدالرحمان عرف شوٽر ۽ سويرا خاتون پيش ٿيا جڏهن ته استغاثه طرفان شاهد پيش نه ڪيو ويو،  پوليس موجب جوابدارن تي صدام، ريحان، عامر ۽ مسڪان کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي..