قمبر (رپورٽر)  فھميده سيال قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن  تصور اسراڻ، عزيز عرف ميجر اسراڻ، طالب حسين  لاڙ ۽ سيف الله شاھاڻي کي پکو پوليس سينٽرل جيل لاڙڪاڻو مان سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ 1 اياز علي اعواڻ جي عدالت ۾   پيش ڪندي پڪو چالان پيش ڪرڻ لاءِ ٻيهر مھلت گهري. عدالت 3 ڏينھن جي مھلت ڏيندي ٻڌڻي 25 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد قتل ڪيس جي جوابدارن کي واپس سينٽرل جيل لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو. قتل ڪيس جو مک جوابدار ايم پي اي گھنور خان اسراڻ جي پيءُ شھيد اسراڻ ۽ نديم اسراڻ کي ھن وقت تائين پوليس گرفتار ڪري نه سگهي آهي. فريادي غلام تقي سيال جو چوڻ آهي ته ڊي ايس پي قمبر منظور جوکيو جوابدار شھيد اسراڻ سان ٺاھ لاءِ دٻاءُ وجهي رھيو آھي ٻي صورت ۾ جوابدارن جا نالا ڪيس مان خارج ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رھيو آھي پر اسان ڪڏهن به قاتلن سان ٺاھ نه ڪنداسين قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدار غلام شھيد اسراڻ ۽ نديم اسراڻ کي گرفتار ڪري  قتل ڪيس ۾ ڦاهي ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. جڏھن ته فريادي طرفان ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ھلائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي نه سگهي آهي