شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ جي عدالت ۾ جوابدار غلام علي کوسو تي  زال ڪلثوم کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار مٿان 27 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، دائم ملڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد عظيم کوسو ۾ جوابدار ھڪ سال اڳ ماني دير سان پهچائڻ جي ڳالهه تان پنهنجي زال مائي ڪلثوم کي سروٽو ھڻي بيدردي سان قتل ڪري کيس ڳجهه گوھ ۾ دفنايو ھو، اطلاع ملڻ تي دائم ملڪ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس سرڪار پاران فريادي بڻجي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جوابدار 164 جي بيان ڏيڻ وقت زال ڪلثوم کي قتل ڪرڻ جو پڻ اعتراف ڪيو ھو ته ھو پنھنجي زال ڪلثوم کي سروٽا ھڻي قتل ڪيو ھو، عدالت جي حڪم تي ٽن سالن جي ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدار غلام علي کوسو ٽن سالن ۾ ڏنڊ جي رقم مقتولا عورت ڪلثوم جي وارثن کي ادا ڪندو.