تنگواڻي (ن پ ا) ڪراچي جي ڊفينس واري  علائقي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل دوست محمّد کوسو جي وارثن ابوبڪر کوسو، علي محمّد کوسو، نياز احمّد جروار احتجاج ڪندي چيو ته 6 ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان جا قاتل پوليس نه پڪڙي سگهي آهي،ڳوٺاڻن چيو ته اسان ڌرتي ڌڻي آهيون پنهنجي گادي واري شهر ۾ به محفوظ ناهيون،هي هڪ سازش آهي ته خوف وچان ڳوٺاڻا گادي واري هنڌ نه اچن، بلڊرس ۽ ٺيڪيدار کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ واري مطالبي تي قائم آهيون،دوست محمّد کوسو جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.