اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي ۾ بجلي وزارت لکت ۾ جواب پيش ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته بلوچستان جي 33 ضلعن ۾ موجود 53 سيڪڙو آبادي بجلي سهولت کان محروم آهي، بجلي جي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته لسٻيلا کي ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي فراهم ڪئي ويندي آهي، بلوچستان جي علائقن کي بجلي جي فراهمي لاءِ هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 3 ارب 62 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته مواصلات جي وزير لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ ٻڌايو آهي ته اپريل مهيني ۾ هڪ ارب 94 ڪروڙ 94 لک رپيا، مئي 2022ع مهيني دوران 2 ارب 89  ڪروڙ 62 لک، جون 2022ع ۾ 2 ارب 89 ڪروڙ 85 لک، جولاءِ مهيني ۾ 2 ارب 78 ڪروڙ 94 لک جڏهن ته ٽول ٽيڪس جي مد ۾ وصول ٿيا، 4 مهينن دوران مجموعي طور 10 ارب 53 ڪروڙ 36 لک رپيا وصول ٿيا.