اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته سياست جي اوٽ ۾ اقتدار تي قابض ڏوهارين جو گروهه آئين ۽ جمهوريت تي حملي آور آهي، امپورٽيڊ حڪومت عوامي تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ بدترين فسطائيت جو سهارو ورتو آهي، پنجاب جي سوشل ميڊيا جي ذميوارن سان ملاقات دوران عمران خان چيو ته پرڏيهي سازشن ذريعي پاڪستان کي سياسي ۽ معاشي بحرانن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جو واحد رستو چونڊون آهن، لانگ مارچ ۾ سوشل ميڊيا جو مُکيه ڪردار هوندو آهي، سياسي ڊڪٽيٽرز لاءِ هاڻي اظهار جي آزادي کي دٻائڻ ممڪن ناهي رهيو. عمران خان چيو ته 74 ورهين جي سينيٽر جي گرفتاري ۽ حراست ۾ تشدد سان آئين ۽ قانون جا بکيا اڊيڙيا ويا، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سان ملاقات دوران هن وڌيڪ چيو ته اعظم سواتي جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ به سمجهه کان ٻاهر آهي.