اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بچاءُ وارو وزير خواجا آصف پنهنجي تقرير دوران ڳالهائڻ تي وفاقي وزير شيري رحمان تي چڙي پيو، خواجا آصف قومي اسيمبلي ۾ تقرير دوران وفاقي وزير شيري رحمان ڳالهائي رهي هئي ان دوران وفاقي وزير کيس روڪيو، خواجا آصف چيو ته شيري رحمان صاحبه اوهان مونکي ڳالهائڻ ڏيندئو؟ ان تي شيري رحمان جواب ڏنو ته ڪوشش ڪريان ٿي. شيري رحمان جي جواب تي خواجا آصف ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيو ته اوهان ماڻهن جي رويي سبب اهڙا مسئلا پيدا ٿيا آهن، جيڪڏهن اوهان ڪا ڳالهه ڪندئو ته پوءِ مان پنهنجي انداز ۾ جواب ڏيڻ تي مجبور ٿيندس.