ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ٽوئنڪل کنا پاران ساٿي اداڪارن جي واکاڻ ڪئي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اداڪارا ٽوئنڪل کنا ساٿي اداڪار ريتڪ روشن ۽ وديا بالن پاران ڪورونا مهم ۾ مدد تي واکاڻ ڪئي، ريتڪ روشن ۽ وديا بالن ڪورونا مهم ۾ خاموشي سان مدد ڪئي. توئنڪل کنا ڪورونا جهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ خاموشي سان مدد ڪندڙ اداڪارن لاءِ هڪ پوسٽ پڻ شيئر ڪئي آهي.