ڪراچي (شوبز نيوز)سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪار ۽ گلوڪار پاران تازو ئي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ کيس فردوس عاشق اعواڻ جي هاڻوڪي ڏنل بيان تي اداڪاري ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.علي گل پير جي نئين پيروڊي جي بيڪ گرائونڊ ميوزڪ ۾ فردوس عاشق اعواڻ جو بيان آهي جنهن تي اداڪار کي مختلف انداز ۾ اداڪاري ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.ڪاميڊين علي گل پير جي هيءَ وڊيو ٻين وڊيوز وانگي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.ياد رهي ته ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ گذريل ڏينهن پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران ڪورونا وائرس کان بچاءَ ۽ ان جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ عيد دوران ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل جي هدايت ڪئي هئي، هن چيو هو ته عيد سادگي سان ٿيندي ۽ هن عيد تي نه دعوتون ٿينديون ۽ نه عيد ملن پارٽيون ٿينديون، هن ڀيري عيد تي روايتي”جهپيون پپيون“ نه ٿينديون.