ممبئي (شوبز نيوز) صحافين سان آن لائن ڳالهائيندي دبنگ اداڪار سلمان خان چيو آهي ته هن وقت ڀارت سميت پوري دنيا شديد مشڪلات جو شڪار آهي، اهڙي وقت ۾ فلم”راڌي“ کي رليز ڪرڻ جو مقصد ماڻهن جي زندگي ۾ خوشيون آڻڻ آهي ته جيئن ڪجهه وقت لاءِ ئي سهي ماڻهو پنهنجو ڏک وسارين، نه ته هن وقت تمام وڏن اداڪارن جون فلمون رڪيل آهن ۽ هو ڪنهن سٺي وقت جو انتظار ڪري رهيا آهن.سلمان خان وڌيڪ چيو ته مونکي ان ڳالهه جو چڱيءَ طرح اندازو آهي ته باڪس آفيس تي هن فلم جي ڪمائي ٻڙي هوندي ۽ منهنجي هيءَ فلم ڪمائي جي حساب سان ناڪام ترين فلم هوندي ڇو ته هيءَ فلم محدود سينيمائن ۾ ڏيکاري ويندي جڏهن ته پرڏيهه ۾ به ڪجهه سينيمائن جي پردي تي ڏٺي ويندي.