ٻي عيد به ڪورونا وبا ۾ ملهائي رهيا آهيون: وڏو وزير

0
251
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه پاران پاڪستان سميت پوري دنيا جي مسلمانن کي عيد جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته اڄ اسان ٻي عيد به ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪندي ملهائي رهيا آهيون، ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي جس آهي جيڪي هن ڏهاڙي تي به ذميواريون نڀائي رهيا آهن، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير جو چوڻ هو ته اسان کي فلسطين ۽ ڪشمير جي ڀائرن کي عيد ڏهاڙي تي ياد رکڻ گهرجي، جيڪي ظلم هيٺان زندگي گذاري رهيا آهن ۽ اهي تڪليف ۾ آهن.