قسمت جي ديوي مهربان:بي گهر نوجوان رات وچ ۾ سپر ماڊل بڻجي ويو

0
338

لاگوس (دلچسپ نيوز) قسمت جي ديوي مهربان ٿي پئي، بي گهر نوجوان رات وچ ۾ سپر ماڊل بڻجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نائيجيريا جو علي اولاڪومني ڏيڍ مهينو اڳ بي گهر هو ۽ سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري پيٽ پاليندو هو، نوجوان کي جٿي جاءِ ملندي هئي رات گذاريندو هو، اپريل جي شروعاتي ڏينهن ۾ لاگوس جي هڪ مشهور ايڊورٽائيزنگ ايجنسي ۾ ايفولابي نالي مشهور ڪريئيٽو ڊائريڪٽر اوسون اسٽيٽ ۾ هڪ پل کي پنهنجي نئين پراجيڪٽ جي فوٽو شوٽ لاءِ چونڊيو، بدقسمتي سان جنهن ماڊل کي ان ڦوٽو شوٽ لاءِ پهچڻو هو اهو ڪنهن مجبوري سبب پهچي نه سگهيو، ايفولابي ڪنهن به صورت ڦوٽو شوٽ ملتوي ڪرڻ نه پئي چاهيو انڪري هو پل جي هيڏانهن هوڏانهن واڪ ڪندو رهيو ته اوچتو سندس نظر پل هيٺان ستل علي اولا ڪومني تي پئجي وئي، ڊائريڪٽرمحسوس ڪيوته جنهن پراجيڪٽ لاءِ کيس ماڊل گهرجي ان لاءِ علي اولا ڪومني ئي مناسب آهي، ايفولابي کيس پراجيڪٽ ۾ ماڊلنگ جي آڇ ڪئي علي اولا ڪومني پهرين ته گهٻرائجي ويو بعد ۾ راضي ٿي ويو، جلدئي کيس ماڊلنگ لاءِ ڪپڙا پارايا ويا جيڪي کيس ڦٽ اچي ويا جنهن بعد فوٽو شوٽ ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو، ايفولابي ٻئي ڏينهن اهو واقعو تصويرن سميت سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيو، تصويرون وائرل ٿيڻ بعد قسمت جي ديوي مهربان ٿي وئي ۽ علي اولا ڪومني کي وڏيون آڇون ملڻ شروع ٿيون ۽ هو ڏيڍ مهيني اندر نائيجيريا جو سپر ماڊل بڻجي ويو.