هاٿي به ڪرڪيٽ کيڏڻ لڳو: وڊيو وائرل

0
380

لنڊن (دلچسپ نيوز) هاٿي به ڪرڪيٽ کيڏڻ لڳو، وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اڳوڻي برطانوي ڪرڪيٽر مائيڪل وان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، وڊيو۾ ڀارت ۾ هاٿي کي ڪرڪيٽ کيڏندي ڏسي سگهجي ٿو. هڪ نوجوان هاٿي کي بالنگ ڪرائي رهيو آهي جڏهن ته هاٿي سونڊ ۾ جهليل بيٽ سان بال تي شاٽ کيڏي رهيو آهي. وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين ان تي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن جڏهن مائيڪل وان ان جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته هي هاٿي يقيني طور برطانوي پاسپورٽ جو حقدار آهي ڇاڪاڻ ته جانورن ۾ ڪرڪيٽ جو رجحان اسان وٽ وڌي رهيو آهي انڪري هن هاٿي کي به هتي بهتر موقعا ملي سگهن ٿا.