ٽنڊوڄام(رپورٽ: مبين مگسي ) ٽنڊوڄام جي شاهي بازار واري علائقي ۾ گجرن جو مبينا زهريلو حلوو کائڻ بعد محمد اڪرم جي چئن ٻارن جي طبعيت خراب ٿي وئي. جنهن بعد کين اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ست سالا روميسا ۽ ٻه سالا انمتا فوت ٿي ويون. جڏهن ته ٻه پٽ 15سالا محمد ثاقب ۽ 11 سالا عبدالواحد جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. فوتي نينگرين جا مڙهه گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ۽ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي. پنهنجي اخبارن جي ذريعن موجب  ڇھ ڏينهن اڳ جمع واري ڏينهن محمد اڪرم جي گهر ۾ گجرن جو حلوو ٺاهيو ويو هو،جيڪو چئين ٻارن سميت گهر جي سڀني ڀاتين کاڌو ،رڳو چئين ٻارن جي طبيعت خراب ٿي ،حلوو کائڻ بعد ٻارن کي الٽيون شروع ٿي ويون جنهن بعد ٻارن جا وارث ٻارن جو علاج ڪندا رهيا ،حالت ڳڻتي جوڳي ٿين بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو ،پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر سرهاڻ اعجاز ابڙو ٻڌايو ته نيگرين جي والد اڪرم راجپوت ٻڌايو آهي ته انهن گهر ۾ حلوو ٺاهيو آهي، ڪا به شئي بازار مان خريد ناهي ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا زهريلي شئي حلوي ۾ ڪري ها ته ٻارن سوڌو سڀني گهر ڀاتين تي اثر ٿئي آهي،هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد به آن بورڊ آهي. وڌيڪ معاملي کي ڏسو ٿا. ايس ايڇ او ٽنڊو ڄام ٻڌايو ته پارٿو حلوو کائڻ سبب ٻارن جو موت ٿيو آهي، هوڏانهن پوليس واقعي جي ڪنهن به قسم جاچ نه ڪئي آهي.