جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد رستي بلوچستان ويندڙ اٽي ۽ ڪڻڪ جي في ٽرڪ کان 40 هزار رشوت وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ اٽي سان ڀريل ٽرڪ کي فوڊ کاتي جي گودام تي بيهاريو ويو، ڊرائيور عبدالرزاق بنگلزئي احتجاج ڪندي دانهيو ته 6 جنوري تي ڪنڌڪوٽ کان اوستا محمد 4 سو 50 ٻوريون اٽو کڻي وڃي رهيو هيس ته باءِ پاس تي شنبي شاهه چوڪي وٽ فوڊ عملدارن روڪي 40 هزار رشوت گهري نه ڏيڻ تي ٽرڪ کي فوڊ گدام ۾ بيهاريو ويو آهي. هن چيو ته ٽرڪ کي گدام ۾ بيهاريو ويو آهي، اٽو به خالي نه ٿو وڃي ٿو، بيروزگار ٿي ويو آهيان،  هوڏانهن سيڪريٽري خوراڪ جيڪب آباد رستي ڪڻڪ بلوچستان اسمگلنگ ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ لاڙڪاڻي جي پوسٽ تي مقرر قريب الله سومرو، ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر قاضي رفيق ۽ سپروائيزر غلام مصطفيٰ انڙ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وسيم جمالي کي ڊي ايف سي جيڪب آباد مقرر ڪيو ويو جنهن چارج سنڀالي ورتي. ان سلسلي ۾ نئون مقرر ٿيل ڊي ايف سي وسيم جمالي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سيڪريٽري خوراڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو، ڊي ايف سي جيڪب آباد ۽ سپروائيزر کي معطل ڪري ڇڏيو آهي هن وڌيڪ چيو ته غيرقانوني طور بلوچستان ويندڙ اٽو ۽ ڪڻڪ کي روڪيو ويندو بلوچستان حڪومت ۽ يوٽيلٽي وارن جو اٽو ۽ ڪڻڪ ڇڏينداسين. ياد رهي ته جيڪب آباد رستي بلوچستان ڪڻڪ ۽اٽو اسمگلنگ ٿيڻ سبب سنڌ ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيو، جنهن سبب سيڪريٽري خوراڪ نوٽيس ورتو آهي.