ڀٽ شاھ  (ن پ ا) لطيفي پينل جي سرواڻ سيد گدا حسين شاھ لطيفي پنهنجي رهائش گاھ تي لطيفي پينل جي آزاد اميدوارن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چونڊ نتيجا مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيا آهن، گدا حسين شاھ پينل جي اميدوارن سيد فدا حسين شاھ لطيفي۔محمد يونس سومرو.منير کوسو، امير علي بليدي ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته 15 جنوري تي بلدياتي اليڪشن واري ڏينهن مخالف اميدوارن ڀٽ شاهه جي نگري هٿياربند گهرائي عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪري فائرنگ ڪري 2 ڄڻا زخمي به ڪيا آهن. مخدوم محمد امين فهيم ۽ مرحوم شاهنواز جوڻيجو ڪڏهن به اهڙي ڌانڌلي ۽ رتوڇاڻ واري اليڪشن جو حصو نه بڻيا،  پر اسانکي سندن اولاد تي افسوس آھي جن لطيف سائين جي پرامن نگري ۾ دھشت ڦھلائي عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو ۽ بيگناھ شھرين جو رت وهايو.سيد گدا لطيفي وڌيڪ چيو ته 15 جنوري تي اليڪشن واري ڏينهن ڀٽ شاھ جي عوام پ پ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ وڏي تعداد ۾ شھري گهرن کان نڪري پنهنجي 7 ئي وارڊن جي پولنگن تي لطيفي پينل کي ووٽ ڪري رهيا هيا جنهن تي مخالف اميدوار سيد احسن شاھ، سيد خاورشاھ. رضا رضوي ۽ سيد غلام رضا شاھ پنهنجي واضح شڪست ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا ۽ شھدادپور.هالا.سانگهڙ، ٽنڊو آدم ۽ ٻين شھرن کان وڏيرا جاگيردار ۽ سوين هٿيار بند گهرايا جيڪي شھر ۾ خوف و حراس ڦھلائڻ لاء سموري شھر ۾ سري عام وڏين گاڏين ۾ ھٿيارن جي نمائش ڪندا رهيا ۽ سندن پرائيويٽ فورس جا غنڊا شھر جي وارڊ 1.2.3  ۽ 4 ۾ زبردستي پولنگن ۾ داخل ٿي هٿيان جي زور تي ايجنٽن کي يرغمال بڻائي عورتن جي پولنگن تي ايجنٽ طور ويٺل نياڻين ۽ مائرن جي تذليل ڪئي. هنن چيو تہ اسان سان ناانصافي ٿي آھي پنهنجي حق لاء اليڪشن ٽربيونل ۽ ڪورٽ سڳوري ۾ وينداسين .پاڪ فوج جو آرمي چيف.چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ.ڊي جي رينجرز ۽ اليڪشن ٽربيونل نوٽيس وٺي ۽ ٻيهر صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي ڀٽ شاھ جي عوام سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو،