مٺي (رپورٽر) ڏيپلو ۾ پرچائي ساهرين گهر آندل نوجوان ناري پراسرار نموني فوت، وارثن پاران گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر، مڙس جو چوڻ آهي ته سندس زال ساهه ۾ تڪليف ۽ سيني ۾ سور سبب فوت ٿي،  ايس ايس پي نوٽيس ورتو، جاچ ڪاميٽي قائم، رپورٽ طلب، خبر موجب گذريل رات ڏيپلو  ۾ پرچائي ساهرين گهر آندل 20 سالا ناري ڪلڪا زال جئه ڪمار مھراج پراسرار نموني فوت ٿي وئي، ناري جي مڙس جئه ڪمار جو چوڻ آھي ته سندس زال رات دير سان ساهه جي تڪليف ۽ سيني ۾ جلن جي شڪايت ڪئي، جنھن بعد کيس رائزڪ ساشي پياريو، ڪجھه دير ۾ طبيعت صحيح ٿيڻ تي ٻئي سمھي رھياسين، جنھن کانپوءِ منھنجي سجاگ ٿيڻ تي گھر واري کان طبيعت معلوم ڪئي ته ھن ڪو جواب نه ڏنو ۽ نه ئي ان ۾ چرپر ھئي، جنھن تي مون گهر ڀاتين کي سڏ ڪيو، مڙس موجب سئوٽ ڊسپينسر چيڪ اپ ڪري موت جي تصديق ڪئي، جنھن کانپوءِ سج اڀرڻ تي ناري جي والدين کي اطلاع ڪيو، جيڪي پڻ آيا، جنھن بعد اسان غسل ڏئي لاش دفنائي ڇڏيو، هوڏانهن ناري جي والد دسرت قتل جو شڪ ظاهر ڪندي معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو، ناري جي وارثن مطابق ناري کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آھي، جنھن جا نشان ڪنڌ تي هنن ڏٺا آهن، ناري جا وارث موت کي قتل جو رنگ ڏئي ناراض ٿي قبرستان وڃڻ بدران واپس پنھنجي ڳوٺ ھليا ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته ناري جي 9 مهينا اڳ شادي ٿي هئي ۽ ناراض ٿي پنهنجي اباڻي گهر رهيل هئي، جتان راڄوڻي فيصلي بعد کيس ان ئي ڏينهن ساهرين گهر آندو ويو هو، سوشل ميڊيا تي معاملو اچڻ بعد ايس ايس پي ٿرپارڪر عابد بلوچ نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ڏيپلو کان معاملي جي رپورٽ گھري ورتي آھي ۽ جاچ لاءِ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر غلام مصطفيٰ ٿيٻو جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي.