ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان ۾ چونڊ چهچٽو تيز ٿي ويو آهي. شهر جي وارڊ نمبر 11 ٽالپر ڪالوني ۾ سنڌ نيشنل پارٽي جي نامزد اميدوار دودو هاليپوٽو پاران اليڪشن ڪئمپ قائم ڪرڻ کانپوءِ وارڊ جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ بعد علائقي جيا معززين مينڌرا برادري ، پرهياڙ برادري ، مغل برادري ، اقليتي برادري ۽ ٻين پاران کيس مڪمل حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ، ان موقعي تي برادري جي معززين عثمان مينڌرو ، محمد رحيم پرهياڙ ، فدا حسين مغل ، دوست علي مغل ، گجراتي پاڙي جي اجي ، سنيل ، دليپ ڪمار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا ، دوري دوران گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ايس اين پي جي اميدوار دودو هاليپوٽو چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ غريب مسڪين ماڻهو پنهنجي قسمت جو پاڻ فيصلو ڪن ، هي ووٽ سندن مستقبل جو امانت آهي ، سندس ووٽ ئي سان قسمت جو ستارو بدلجي سگهي ٿو ، هن چيو ته سنڌ ۾ وڏيرڪو ۽ ڀوتارڪو نظام آهي ، جنهن خلاف اسان ميدان عمل ۾ آهيون.