ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺوري ۾ آل پارٽيز فورم جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾  مڪاني چونڊن ۾ جي يو آئي، قومي عوامي تحريڪ ۽ راڄوڻي اتحاد جي حمايت جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، نعمان شورو ،عبدالغني ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊون بابت ويچاريندي فيصلو ڪيو ويو ته آل پارٽيز فورم پاران جي يو آئي، قومي عوامي تحريڪ ۽ راڄوڻي اتحاد جي ميرپوربٺورو ۽ آسپاس يوسيز ۾ بيٺل اميدوارن جي ڀرپور حمايت ڪئي ويندي ۽ سڀاڻي کان سندن چونڊ مهم ۾حصو ورتو ويندو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته حڪمران جماعت پ پ پ پاران عوام کي بي سھارا ڇڏيو ويو آهي جڏهن ته برسات متاثر اڃا تائين امداد کان محروم آهن مٿان وري ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي انهن جا سور بيڻا ڪري ڇڏيا آهن، هنن چيو ته حڪومتي غلط پاليسن ڪري عوام سخت پريشاني جو شڪار آهن.