جوهي (ن پ ا) جوهي تعلقي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سرگرميون شروع ٿي ويون آھن پيپلزپارٽي  تعلقه جوهي پاران جوهي شھر ۾ جان محمد پهوڙ، بنده علي لغاري ۽ عبدالمجيد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي وئي سوين ڪارڪن شرڪت ڪئي اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آھي عوام پ پ پ سان گڏ آھي مڪاني چونڊون ۾ پيپلزپارٽي جي فتح ٿيندي، ٻي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف تعلقه جوهي جي اڳواڻن امدادخان لغاري، محمد حنيف لغاري،سانوڻ ٻٻر ۽ ٻين پاران جوهي ميونسپل ڪاميٽي وارڊ 1 جي اميدوار حنيف لغاري جي حمايت ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي عوام کي پندرهن سالن کان لٽيو آھي هاڻ عوام پاڻ فيصلو ڪندي پندرهن جنوري تي پيپلزپارٽي کي مڪاني چونڊن ۾  شڪست نصيب ٿيندي ان موقعي تي شھرين پڻ شرڪت ڪئي.