ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺوري ۽ آسپاس چوپائي مال ۾ مختلف بيمارين منهن ڪڍيو، مختلف علائقن ۾ چوپايو مال مرڻ لڳو آهي، علائقي واسين پاران ويڪسين نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون يون آهن، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو ۽ آسپاس يوسي علي اڪبر شاھ، يوسي دريا خان سوھو، يوسي جھوڪ جي مختلف ڳوٺن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان چوپائي مال جون مختلف بيماريون  پکڙيل آهن، علائقن ۾ ساماڙو ۽ گٽار ڦهلجي رهيون آهن، صحافين سان ڳالهائيندي مالوندن حاجي قاسم سميجو، جمن چانڊيو، عمر دين ۽ ٻين چيو آهي ته بيمارين سبب چوپايو مال کائڻ پئين ڇڏي ڏيئي ٿو ۽ ڪجهه ڏينهن بيمار رهڻ بعد مريو وڃي، هنن چيو ته سندن گذر سفر فقط چوپائي مال تي آهي جنهن جي بيمار ٿيڻ تي ڳوٺاڻا هڙان وڙان ڍور جو علاج ڪرائن ٿا ٻي صورت ۾ اهو بيمار ڍور اڌ قيمت ۾ کپائڻو پوي ٿو، هنن چيو ته چوپائي مال ۾ بيمارين کان بچاء لاءِ جنوري کان ويڪسين وارو عمل شروع ٿيڻ گهرجي ليڪن اينيمل هسبندري کاتي جو عملو اڃا تائين سندن ڳوٺ ناهي پهتو جنهن سبب سندن چوپائي مال کي بيمارين کان بچاء واري ويڪسين ناهي لڳي سگهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته چوپائي مال کي ويڪسين ڪرائي بيمارين کان بچايو وڃي.