ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر) ، ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي هيڊڪوارٽر واري شهر سميت ضلعي جي ننڊن وڏن علائقن بلڙي شاھ ڪريم ، ٽنڊو غلام حيدر ، شيخ ڀرڪيو ، ملاڪاتيار ، ڏندو ، سعيد خان لنڊ ، مويا ۽ ٻين علائقن جي ميڊيڪل اسٽورن تي نشي آور انجيڪشنن ۽ گورين جو گذريل ڪيتري عرصي کان وٺي سرعام وڪرو جاري آهي، جنهن ۾ 10 سالن کان 30 سال جا نوجوان نشي آور انجيڪشن ، گورين جو استعمال ڪري پنهنجي حياتين کي مفلوج بڻائي رهيا آهن، شهرين زاهد جسڪاڻي، ڪريم بخش، غلام علي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڊرگس انسپيڪٽر جي نااهلي سبب ضلعي جي مختلف علائقن ۾ نشي آور انجيڪشنن ۽ گورين جو وڪرو عام ٿي ويو آهي، جنهن سبب ضلعي جا نوجوان نشي جا عادي بڻجي ويا آهن پر ضلعي انتظاميه اگهور ننڊ ستل آهي، ڊرگس انسپيڪٽر جي عهدي تي مقرر آفيسر ٽنڊو محمد خان جي ميڊيڪل اسٽورن تي ڪا به ڪاروائي ڪري نه سگهيو آهي سندس ظاهري رڪارڊ ۾ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي 3 تعلقن ۾ سون جي تعداد ۾ کليل اسٽورن تي ڪو به پڇاڻو نه ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل اسٽورن قانوني آهن يا غيرقانوني آهن صحت کاتي طرفان انهن کي مليل اجازت نامي جو به پڇاڻو نه ڪيو ويو آهي، هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ضلعي جي سمورن ميڊيڪل اسٽورن کي پابند بڻايو وڃي ته ڊاڪٽرن جي لکت کانسواءِ ڪا به دوا نه ڏني وڃي، ڊاڪٽر جي پرچي کانسواءِ دوائن جي وڪري ۾ ملوث ميڊيڪل اسٽورن جا لائسنس رد ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو .