حيدرآباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان وٽنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان وٽرنري ڊاڪٽري جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ۽ جوائننگ آرڊر نه ڏيڻ خلاف ڊاڪٽر شاهد بلوچ، ڊاڪٽر رضوان لاڙڪ، ڊاڪٽر اسماعيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 300 کان وڌيڪ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کي اڃا تائين آفر آرڊر نه ملي سگهيا آهن، 7 مهينن کان آفر آرڊر نه ملڻ سبب اميدوارن ۾ سخت مايوسي ڇانيل آهي، هنن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي پبلڪ سروس ڪميشن خلاف ڏنل فيصلي سان حقدار اميدوار به روزگار جي حق کان محروم بڻيل آهن، هنن چيو ته ان کان اڳ ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ ٻين کاتن جي اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا پر بي زبان جانورن جي خدمت ڪندڙ وٽرنري ڊاڪٽرن کي آرڊر نٿا ڏنا وڃن جيڪا ساڻن سراسر ناانصافي آهي، هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪميشن امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کي فوري طور تي آفر آرڊر ڏئي انهن مان مايوسي کي ختم ڪيو وڃي.