ملير (رپورٽر) راڻي پور ۾ قتل ٿي ويل سماجي اڳواڻ سھارا فائونڊيشن جي چيئرپرسن روشنا محبوب راڄپر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي حبيب راڄپر، لياقت راڄپر، الھرکيو عامر، رشيد سڌايو، ظفر راڄپر، اصغر چانڊيو، عرفان راڄپر، افضل سومرو، ياسين راڄپر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ھفتو اڳ راڻي پور جي ڳوٺ موسي راڄپر ۾ سھارا فائونڊيشن جي چيرپرسن روشنا محبوب راڄپر کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو، هنن چيو ته سندس قتل ۾ بااثرن جو هٿ آهي، هنن چيو ته پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، زمين تي قبضي لاءِ کيس قتل ڪيو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري وارثن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.