ٽنڊوباگو/ڏيئي(نمائندا ) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ بکو چانڊيو ۾ شادي شده عورت مسمات لڇمي زال حسين ڏنو چانڊيو جو لاش گهر مان مليو آهي، فوتي عورت جي ڀاءُ پيار علي چانڊيو ڏيئي ٿاڻي تي سندس ڀيڻ جي مڙس حسين ڏنو چانڊيو خلاف رپورٽ داخل ڪرائي آهي ته سندس ڀيڻ کي مڙس تشدد ڪري ماريو آهي. ڏيئي پوليس لاش جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو پهچايو جتي ليڊي ڊاڪٽر موڪل تي هئڻ سبب سبب ٽن ڪلاڪن کان لاش اسپتال ۾ پيل آهي، جنھن جو خبر موڪلڻ تائين پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو هو. فوتي عورت جي ڀاءُ پيار علي چانڊيو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ سان سندس مڙس ٿوري ٿوري ڳالھه تي وڙهندو ۽ مٿس تشدد ڪندو هو. هن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته منهنجي ڀيڻ کي سندس مڙس تشدد ڪري ماريو آهي جنھن جي جانچ ڪئي وڃي. ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي ڏيئي پوليس ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم کانپوءِ خبر پوندي ته عورت جو موت ڇا جي ڪري ٿيو آهي.