توشه خانه ڪيس: عمران خان نااهل قرار

0
412

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته عمران خان هاڻي قومي اسيمبلي جو ميمبر ناهي رهيو، عمران خان جو جمع ڪرايل جواب درست نه هو، عمران خان بدعنواني ۾ ملوث رهيو آهي، سندس قومي اسيمبلي واري سيٽ کي خالي قرار ڏنو ٿو وڃي

سيڪيورٽي جا انتظام

<p>Police personnel deployed outside the Election Commission of Pakistan in Islamabad on Friday. — Screengrab via Fahad Chaudhry</p>

اليڪشن ڪميشن طرفان فيصلو ٻڌائڻ لاءِ فول پروف سڪيورٽي طلب ڪرڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا

پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل پڻ موڪليا ويا

اسلام آباد انتظاميا ايس ايس پي جي نگراني ۾ سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا، جنهن ۾ هڪ ايس ايس پي، 5 ايس پيز، 6 ڊي ايس پيز سميت 1150 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس سان گڏ ايف سي ۽ رينجرز جا اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا آهن

اليڪشن ڪميشن ۾ غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ تي به پابندي لڳائي وئي

پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي اليڪشن ڪميشن پهچڻ نه ڏنو ويندو

<p>PTI leaders Fawad Chaudhry (R) and Shahbaz Gill (L) speak to the media outside the Election Commission of Pakistan in Islamabad on Friday. — DawnNewsTV</p>

ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري، اسد عمر ۽ ٻيا اليڪشن ڪميشن پهچي ويا، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جو دروازو بند ڪيو ويو، جنهن سبب کين گيٽ ٽپي اندر داخل ٿيڻو پيو

شاهه محمود، فواد چوڌري، عمر ايوب، اسد عمر، ملاڪا بخاري، فيصل جاويد ۽ ٻيا عدالتي ڪمري ۾ پهتا

عمران خان خلاف توشه خانه ريفرنس جا تفصيل

اسلام آباد ۾ پاور شو جو فيصلو

ريفرنس جي دستاويز موجب عمران خان کي توشه خانه مان 14 ڪروڙ 42 لک 42 هزار رپين جا تحفا مليا، جڏهن ته 30 هزار رپين کان وڌيڪ جا تحفا وصول ڪيا ويا

دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان انهن تحفن مان 3 ڪروڙ 81 لک 77 هزار رپيا ادا ڪيا ۽ 8 لک رپين جا تحفا ادا نه ڪيا، 29 لک 14 هزار رپيا وصول ڪيا

عمران خان جي گهر واري 58 لک 59 هزار رپين جا هار ۽ ٻيا تحفا 29 هزار 14 هزار وصول ڪيا، جڏهن ته عمران خان واچ، ڪف لنڪس، پين، آڱوٺي 2 ڪروڙ 27 لک رپيا ڏئي حاصل ڪيا

ريفرنس دستاويز ۾ عمران خان کان حاصل ڪيل واچ جي اصل قيمت 85 لک رپيا، ڪف لنڪس جي اصل قيمت 56 لک رپيا، قلم جي اصل قيمت 15 لک رپيا ۽ اڱوٺي جي اصل قيمت 87 لک رپيا

عمران خان خلاف ريفرنس

فارين فنڊنگ ڪيس: عمران خان

اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس جو فيصلو 19 سيپٽمبر تي محفوظ ڪيو هو

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف آگسٽ ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي درخواست تي عمران خان خلاف توشه خانه ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو هو، جنهن ۾ عمران خان جي نااهلي جي درخواست ڪئي وئي هئي

ريفرنس ۾ چيو ويو ته عمران خان توشه خانه مان ورتل تحفن ۽ انهن تحفن جي وڪرو مان حاصل ڪيل رقم جي تفصيل پنهنجي اثاثن ۾ ناهي ڏيکاري