سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سيڊا جي ايگزيڪيٽو انجنيئر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس ٽينٽ سٽي ختم ڪرڻ کان روڪي ورتو. عدالت سکر ڊويزن اندر بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ۽ وڌيڪ ٽينٽ سٽي قائم ڪري 3 نومبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ برسات متاثرن کي سھولتون ڏيڻ جي حوالي سان داخل 46 پٽيشنز جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران عدالت ۾ غير حاضر ھجڻ تي انجنيئر سيڊا جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا. سينيئر قانوندان شبير شر عدالت کي ٻڌايو ته گهوٽڪي ۾ 3 هزار گهر هن وقت به پاڻي هيٺ آهن، شينڪ بند ٽٽڻ سبب ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، ان تي جسٽس ظفر احمد راجپوت ريمارڪس ڏيندي چيو ته پھرين اھو ٻڌايو ته گھوٽڪي ۾ درياھ جو شينڪ بند ڪيئن ٽٽو يا ٽوڙايو ويو، ايگزيڪٽيو انجنيئر سيڊا عدالت ۾ ڇو موجود ناھي؟ ڪوبه ٽينٽ سٽي ڪورٽ جي حڪم کانسواءِ ختم نه ٿيندو، جيڪڏھن ماڻھو گھر وڃڻ چاھين ته لاڳاپيل آفيسر پھرين عدالت کي آگاھ ڪن. جسٽس راجپوت رمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته 90 سيڪڙو پاڻي ڪٿان ڪڍيو ويو آھي ۽ ڪٿي ڇوڙ ڪرايو ويو آھي، ڪٿان ڪٿان پاڻي ڪڍيو ويو آھي، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي تصويرن سان عدالت کي آگاهي ڏني وڃي. جنھن رفتار سان سروي جو ڪم ھلي رھيو آھي، ان ۾ ته 10 سال لڳي ويندا. جيسيتائي پاڻيءَ جا قدرتي لنگھه بحال نه ٿيندا اھي مسئلا ٿيندا رھندا. سرديون اچن پيون، ماڻھن جي زندگي۽ موت جو سوال آھي. جيڪڏھن وقت تي زمينون فصلن جي پوکائي جي قابل نه ٿيون ته ملڪ ۾ غذائي کوٽ جو بحران پيدا ٿيندو. وڪيل نثار احمد ڀنڀري عدالت کي ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏجي برسات متاثرن جون ڪئمپون پٽرائي ڇڏيون آھن. مختيارڪار ڪوٽڏجي چيو ته ماڻھو رضاڪار طور پنھنجي گھرن ڏانھن ھليا ويا آھن. چيف انجنيئر سکر بئراج سردار علي شاھ  عدالت کي ٻڌايو ته برسات جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ نارا ڪئنال کي 70 کان وڌيڪ ڪٽ ڏنا ويا. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺھيو ت پاڻيءَ جا قدرتي لنگھه بند ٿي ويا، جيڪڏھن سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻو آھي ته پاڻي نيڪال جي ماسٽر پلان تي ڪم ڪرڻو پوندو. عدالت سکر ڊويزن جي سمورن ضلعن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي 3 نومبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.