ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن ٻارڙين  سميت 8 ماڻھن جي گمشدگي واري ڪيس ۾ پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان 6 ھفتن ۾ اڳڀرائپ رپورٽون طلب ڪري ورتيون، جڏھن ته عدالت ڪي پي ٽي ايف ۽ جي آءِ ٽي جي سفارشن تي عمل ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ 5 سالن جي سيما، عاصمه، مختيار احمد ۽ شاهد کي فوري بازياب ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي، ٻڌڻي دوران پوليس ٻن ڄڻن جي بازيابيءَ بابت رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪيون، رپورٽ مطابق گم ٿيل الطاف ۽ عبدالطيف گهر موٽي آيا آھن، عدالت ٻنهي نوجوانن جون بازيابي بابت درخواستون اڪلائي ڇڏيون، جڏھن ته عدالت حيدري ۽ زمان ٽائون جي جي رهواسين آفاق احمد طاهر ۽ هلال احمد جي بازيابي لاءِ داخل درخواستون پيروي نه ڪرڻ تان خارج ڪري ڇڏيون آهن،.