ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ راڻو ماڇي ۾ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ لٺيون لڳڻ سبب شبنم، خيرالنساءِ ماڇي ۽ الهبچايو ملاح زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس الهبچايو ملاح کي هڪ ڪيس ۾ روپوش هئڻ سبب گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.