فيض گنج (ن پ ا) پڪاچانگ لڳ ٻن موٽرسائيڪلين وچ ۾ ٽڪر مزدوري تي ويندڙ 3 مزدور زخمي ، اسپتال داخل. پڪاچانگ مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي دائود پل وٽ ٻن موٽر سائيڪلن جي ٽڪر ۾ ڪيلن جا مزدور روشن ملاح، غلام حسين جويو، يار محمد خاصخيلي زخمي ٿي پيا، پڪاچانگ جي سرڪاري اسپتال داخل ڪيو ويو جتي هڪ زخمي روشن ملاح جي حالت نازڪ هجڻ ڪري هن کي نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ٿو ته مزدور ڪرونڊي کان ڪيلن جي مزدوري تي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.