ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ چوهاڻ برادري پاران ڪنڊيارو جي رهواسي نوجوان شاهجهاڻ چوهاڻ جي قتل واري واقعي خلاف احتجاجي جلوس ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن محمد هاشم چوهاڻ، اميربخش، ابراهيم، ڪوڙو، سونو چوهاڻ ۽ ٻين چيو ته اسان جي برادري جي نوجوان شاھجهان چوهاڻ کي ڳوٺ جي بااثر وڏيري تيزا هاري وحشاڻو تشدد ڪرائي قتل ڪرايو آهي، ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.