حيدرآباد: نوجوان ناري پاران مبينه آپگهات، 2 نوجوان گرفتار!

0
287

حيدرآباد: موري منگر واري علائقي ۾ 20 سالن جي ڪرشمه عرف ڪشوري ڪماري مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪيو. ايس ايڇ او پٻڻ جو چوڻ هو ته ناري جي وارثن جو الزام آهي ته ٻه نوجوان ڪرشمه کي تنگ ڪندا هئا جنهن تان دلبرداشته ٿي هن آپگهات ڪيو آهي، پوليس الزام هيٺ آيل 2 نوجوانن راول ۽ مڪيش کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.پوليس جو چوڻ هو ته معاملي جي هر رخ کان جانچ ڪئي پئي وڃي. ناري جو گهران ڦاهو کاڌل لاش مليو هو جيڪو وارث پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال کڻائي آيا.