چونڊڪو (ن پ ا) چونڊڪو ۾هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٽرانسفارمرن جي مستري علي مراد اوڍو جو ڪيس سندس پيءُ غلام علي اوڍو جي فرياد تي عبدالغفار، نعمت الله عرف نعمو، لياقت علي خان (عالماڻي) ناريجو ۽ هڪ نامعلوم سميت پنجن جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي موقف اختيار ڪيو ته فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري بلاول عرف بلو ناريجو مارجي ويو هو، مقابلي ۾ مقتول علي مراد اوڍو جي سنڍو به حصو ورتو هو، جنهن تان جوابدار علي مراد اوڍو کي  ڌمڪيون ڏيندا هئا، ان سلسلي ۾ مقتول جي پيءُ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ظالمن وڏو ظلم ڪيو آهي.