ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ باواني سينٽر کي  باهه، 6 دڪان سڙي رک، لکين رپين جو نقصان، رپورٽ موجب شهر جي ريشم گهٽي ۾ واقع باواني سينٽر ۾ گذريل رات دير سان بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 دڪان پيل سامان سميت سڙي رک ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي فائربرگيڊ پهچي باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ دڪان سڙڻ کان بچائي ورتا، متاثر دڪاندارن محمد انس، شايان شيخ، فاروق شيخ، ريحان غوري، ياسر چندريگر، ريحان شيخ ۽ ٻين ٻڌايو ته باهه سبب اسان جي دڪانن ۾ پيل ڪپڙو، گارمينٽس جو سامان، فرنيچر، يوپي ايس، بجلي جا پکا، فٽنگ سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، هنن چيو ته نقصان جو ڪاٿو  لکين روپيا آهي.